ھاري جون موڪلون ۽ والدين لاءِ خاص پیغام

 ھاري  جون  موڪلون
۽ والدين لاءِ خاص پیغام

گذريل ڏهن مهينن دوران اسان کي توهان جي ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جو مزو آيو، ايندڙ ٻن مهينن لاءِ، توهان انهن سان گڏ موڪلون گذاريندا. اچو ته هن دور کي انهن لاءِ ثمردار ۽ خوشيءَ وارو دور بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ونڊ ڪجن ٿيون ؛

1- ساڻن گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني گڏ کائو ۽ کين هارين جي محنت جي اهميت سيکاريو ۽ کين چئو ته هو پنهنجو کاڌو ضايع نه ڪن.

2- انهن کي هر کاڌي کان پوءِ پنهنجون پليٽون ڌوئڻ ڏيو، ٻارن کي اهڙين سرگرمين مان محنت جو شرف حاصل ٿئي ٿو-

3- انھن کي اجازت ڏيو ته توھان کي رڌ پچاء ۾ مدد ڪن. انهن کي پنهنجي سبزي ۽ سلاد ٺاهڻ ڏيو -

4. هر روز انگريزي جا ٻه نوان لفظ سکو ۽ نوٽ بڪ ۾ لکو -

5ـ پنهنجي ٻارن کي ڏاڏاڻن / ناناڻن سان ملائڻ لاء وٺي وڃو ـ انهن جي محبت ۽ لاڳاپو توهان جي ٻارن لاء تمام اھم آھي ۽ ان جا ڪجهه فوٽو ب ڪڍي رکجو ـ

6- ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي واري ھنڌ به ھڪ ڏينهن وٺي وڃو ته جئين انهن کي خبر پوي ته توھان سڄو ڏينهن ڪيتري سخت محنت ڪيو ٿا ـ

7- ٻارن کي گھر ۾ باغ باني ۽ وڻ پوکڻ ان جي سارسنڀال ڪرڻ به سيکاريو ۽ کين ان متعلق ڄاڻ به ڏيو.

8- ٻارن سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ خاندان متعلق به ڄاڻ ڏيو.

9- ٻارن کان گھر کان ٻاھر راندين لاء موڪليو ڀلي ننڍا ڌڪ يا رھڙون کائين ۽ درد جو احساس ٿئيـ سڄو ڏينهن گھر ۽ صوفن تي وقت گذارڻ سان ھو سست ٿي ويندا.

10- ٻارن کي جانور يا پکي پالڻ جي اجازت ڏيو.

11ـ ٻارن کي ڪجهه  لوڪ گيت به ياد ڪرايو.

12ـ ٻارن کي تصويرن وارن ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڏن ماڻھن جون سوانح عمريون پڙھايو.

13-  ٻارن کي موبائيل  ـ ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي کان پري رکوـ ڇو ت انهيَ ڪمن لاء سڄي عمر پئي آهي. 

14- ٻارن کي مٺايون چاڪليٽ ۽ سموسا وغيره نه کارائيندا.

15- ٿي سگھي ت ٻارن جي اکر سڌارڻ لاء ٻ صفحا روز لکرايو-

16-  ٻارن جي اکين ۾ ڏسو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو ت ان توهان کي ڪھڙي وڏي نعمت سان نوازيو آھي 

والدين جي حيثيت سان توهان تي لازم آهي ته پنهنجو ڪجهه وقت ٻارن کي ڏيو ـ 

اونھاري جي موڪلن لاء توهان جي لاء نيڪ تمنائون ......🙏

ایک تبصرہ شائع کریں

جدید تر اس سے پرانی

Ads

Ads